2 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون يروشلم جي وسنديءَ کي ٻڌائي ڇڏ تہ انهيءَ ڪهڙا ڪهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.
2 اي آدمزاد، يروشلم کي سندس نفرت جهڙن ڪمن جي خبر ڏي،
خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
خداوند وري مون کي فرمايو تہ
تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.
اي آدم جو اولاد! تون هنن کي سندن سزا جو سبب ٻڌائي ڇڏ ۽ سندن ابن ڏاڏن جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم کين ياد ڏيار.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڇا تون ٻنهي ڀينرن اهولہ ۽ اهوليبہ خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تہ پوءِ انهن کي اهي ڪراهت جهڙا ڪم ياد ڏيار، جيڪي هنن ڪيا آهن.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.