Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جيڪو کاڌو مون تو کي ڏنو هو، يعني اهو ميدو، زيتون جو تيل ۽ ماکي جيڪي آءٌ تو کي کارائيندو هئس، سي بہ تو خوشبو واري قربانيءَ طور انهن بتن آڏو وڃي رکيا. مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ جيڪا ماني مون توکي ڏني هئي، يعني ميدو ۽ تيل ۽ ماکي جا مون توکي کارائي، سا بہ، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تو خوشبوءِ لاءِ هنن جي اڳيان رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:19
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


اهڙيءَ طرح تو کي سون ۽ چانديءَ سان سينگاريم. تو هميشہ عمدي ۽ قيمتي ڪپڙي جي پوشاڪ پاتي، جنهن تي ڀرت جو ڪم ٿيل هو. تو عمدي ميدي واري ماني، ماکي ۽ زيتون جو تيل پئي کاڌو. تون ڄڻ تہ ڪا شهزادي ٿي پئينءَ جيڪا تمام خوبصورت هجي.


تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.


اهو هيئن ٿيو جو هنن پنهنجي سون ۽ چانديءَ مان خوبصورت زيور جوڙايا ۽ انهن تي فخر ڪرڻ لڳا. پوءِ هنن وڌيڪ ڪراهت جهڙا هي ڪم ڪيا جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ مان نفرت جهڙيون مورتيون جوڙايون. تنهنڪري آءٌ سندن اها دولت هنن لاءِ حرام ڪري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ