Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا کنيا ۽ هنن کي ڍڪايا، ۽ منهنجو تيل ۽ منهنجو لوبان هنن جي اڳيان رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.


تو منهنجا ڏنل سون ۽ چانديءَ جا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ مردن جون مورتيون جوڙايون ۽ انهن سان زناڪاري ڪئي.


جيڪو کاڌو مون تو کي ڏنو هو، يعني اهو ميدو، زيتون جو تيل ۽ ماکي جيڪي آءٌ تو کي کارائيندو هئس، سي بہ تو خوشبو واري قربانيءَ طور انهن بتن آڏو وڃي رکيا. مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو.


پوءِ اهي هڪڙي عمدي پلنگ تي چڙهي ويٺيون. سندن اڳيان عمدين شين سان سجايل هڪڙي ميز رکيل هئي. هنن انهيءَ تي منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل لوبان ۽ زيتون جو تيل آڻي رکيو.


تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو. تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو، چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.


هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘


هائو، اهي جن سدائين اوهان جي قربانين جو سڻڀو مال پئي کاڌو ۽ اوتڻ وارين قربانين جي مئي ٿي پيتائون. هاڻ ڀل تہ اهي اُٿي اچن ۽ اوهان جي مدد اچي ڪن، ڀل اُهي اچي اوهان جو بچاءُ بڻجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ