Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ گمراهہ ٿي ڪري ڪوڙو پيغام ڏئي ٿو، تہ ائين چيو ويندو تہ مون خداوند ئي انهيءَ کي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي. سو آءٌ انهيءَ تي پنهنجو هٿ کڻندس ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل منجھان کيس ڪڍي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي اخي‌اب بادشاهہ! خداوند انهيءَ روح کي موڪلي تنهنجي هنن نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرايو آهي، بلڪ خداوند تو تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“


هن وٽ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري قوت آهي، ٺڳجي ويل توڙي ٺڳيندڙ ٻيئي هن جي هٿ وس آهن.


ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


انهيءَ ڪري آءٌ بہ پنهنجي مرضيءَ سان هنن لاءِ مصيبتون چونڊي وٺندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿن آڻيندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون سڏيو تہ ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو تڏهن ڪنهن بہ نہ ٻڌو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو هنن ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو ئي هنن پسند ڪيو.“


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.


تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.


تڏهن مون يرمياہ چيو تہ ”اي خداوند خدا! تو ڪيئن نہ هن قوم ۽ يروشلم کي صفا دوکو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو چيو هو تہ ’اوهين سلامت رهندا،‘ پر هاڻي تہ تلوار اسان جي ڪنڌ تي اچي پهتي آهي.“


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


پوءِ اهو نبي سڏائيندڙ توڙي کانئس سوال پڇندڙ ٻيئي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ تہ نبي سڏائيندڙ جو گناهہ بہ اوترو ئي هوندو جيترو کانئس سوال پڇڻ واري جو.


اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.


تنهنڪري ڏس، تو کي سزا ڏيڻ لاءِ مون پنهنجو هٿ تو تي کنيو آهي ۽ پنهنجي برڪتن مان تنهنجو حصو ختم ڪيو اٿم. مون تو کي انهن فلستين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي تو کان نفرت ٿا ڪن ۽ تنهنجي زناڪاريءَ وارن ڪمن کان بيزار آهن.


سو مون انهن کي ڇڏي ڏنو تہ ڀلي اهڙن قاعدن قانونن ۽ ريتن رسمن تي عمل ڪن جيڪي چڱيون نہ هيون ۽ جيڪي کين موت جي منهن ۾ وٺي ٿي ويون.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ