Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ پاڻ کي مون کان ڌار ڪندو، ۽ پنهنجا بُت پنهنجي دل ۾ رکندو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکندو، ۽ نبيءَ وٽ منهنجي نسبت ۾ پڇا ڪرڻ ايندو؛ انهن کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي.


پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو.


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


پر آءٌ انهن کي سندن زناڪاريءَ جي سزا ڪين ڏيندس، ڇوجو انهيءَ بدڪاريءَ لاءِ اوهين خود مرد ڏوهدار آهيو. اوهين پاڻ پوڄا ڪندي انهن عورتن سان زنا ٿا ڪريو، ۽ انهن عورتن سان گڏ بتن آڏو قربانيون ٿا ڪريو. جيئن چوڻي آهي تہ ’جيڪا قوم بي‌سمجھہ آهي، سا تباهہ ٿي ويندي.‘


سو اي ڪاهنؤ! اوهين ۽ اوهان سان گڏ نبي سڏائيندڙ پڻ رات ڏينهن ٿاٻا پيا کائيندا. آءٌ اوهان کي دهشت ۾ وجھي ناس ڪري ڇڏيندس،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري.


بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.


اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


سڄيءَ قوم لاءِ يعني اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو ڌاريو اچي اوهان سان گڏ رهي، تنهن جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي اهو ساڳيو ئي قانون آهي. اوهين ۽ اهي ڌاريا مون خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهيو.


جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.


شايد هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو خداوند جي هن کنيل قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجھي ۽ چوي تہ ’جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو هوندس تڏهن بہ سلامت رهندس.‘ تہ پوءِ اها ڳالهہ سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندي،


هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ تفرقا وجھي رهيا آهن. هي پاڪ روح کان محروم دنياوي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ