حزقي ايل 14:6 - Muslim Sindhi Bible6 تنهنڪري هاڻي اي حزقيايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“