Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري تون هنن سان ڳالهاءِ ۽ کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ بني اسرائيل قوم مان جيڪي بہ ماڻهو بتن جي پوڄا ڪندي گناهن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن ۽ پوءِ بہ اهي نبيءَ وٽ مون کان صلاح مشورو گھرڻ لاءِ ٿا اچن تہ اهي ياد رکن آءٌ خداوند خود انهن کي سندن گھڻي بت‌پرستيءَ جي گناهہ مطابق جواب ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنڪري هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکي ٿو، ۽ نبيءَ وٽ اچي ٿو؛ انهي کي آءٌ سندن بُتن جي گهڻائي موجب جواب ڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


انهيءَ ڪري آءٌ بہ پنهنجي مرضيءَ سان هنن لاءِ مصيبتون چونڊي وٺندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿن آڻيندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون سڏيو تہ ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو تڏهن ڪنهن بہ نہ ٻڌو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو هنن ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو ئي هنن پسند ڪيو.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هنن ماڻهن بتن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري هو وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندا پيا وڃن. ڇا اهي اڃا بہ ائين سمجھن ٿا تہ آءٌ کين ڪو جواب ڏيندس؟


تنهنڪري هاڻي اي حزقي‌ايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو.


جڏهن اوهان جي قوم بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو يا بني اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين مان ڪوبہ مون کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪندي وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندو ٿو وڃي ۽ پوءِ بہ هو نبيءَ وٽ اچي ٿو تہ جيئن انهيءَ جي معرفت مون کان پڇا ڪري، تڏهن انهيءَ کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس.


سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.


پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون بني اسرائيل جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي چوان ٿو سي ئي وڃي انهن کي ٻڌاءِ.


جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس.


آءٌ ماڻهو توڙي جانور فنا ڪري ڇڏيندس، آءٌ پکي فنا ڪري ڇڏيندس ۽ سڀيئي مڇيون پڻ. آءٌ بڇڙن ماڻهن کي ڪيرائي ڍير ڪندس. هائو، آءٌ انسان کي روءِ‌زمين تان فنا ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ