Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هائو، جڏهن اوهين انهن جا طور طريقا ۽ افعال ڏسندا تڏهن اوهان کي معلوم ٿيندو تہ مون انهن سان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو بي‌سبب نہ ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.


جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.


اوهان جو بادشاهہ ۽ امير آسرو لاهي ويهندا، ۽ نااميديءَ وچان پيا روئندا رڙندا، جڏهن تہ رعيت خوف وچان پيئي ڏڪندي. آءٌ سڀني کي سندن چال چلت مطابق سزا ڏيندس، هائو، آءٌ اهڙا فيصلا ڪندس، جهڙا اوهان ٻين جا فيصلا ڪيا آهن. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.


اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بي‌وفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي.


پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،


تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ