Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:21 - Muslim Sindhi Bible

21 سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“


تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن. هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي، بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي. ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري، ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.


پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.


ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.


پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.


يا فرض ڪر تہ آءٌ ڪنهن قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن خونخوار جھنگلي جانور موڪليان، جيڪي سندن ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن ملڪ ويران ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ انهيءَ ملڪ مان لنگھي نہ سگھي.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان.


تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ