Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:19 - Muslim Sindhi Bible

19 يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 يا جي آءٌ انهي ملڪ ۾ مري موڪليان، ۽ انهي تي پنهنجي ڪاوڙ خونريزيءَ ۾ اوتي وجهان، انهي لاءِ تہ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:19
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“


تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين بني اسرائيل تي وبا موڪلي، جنهن ۾ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


سندن ايمان هو تہ جيڪڏهن جنگ، وبا يا ڏڪار جي ڪا مصيبت هنن تي نازل ٿيندي، تہ اهي تنهنجي نالي سان قائم ٿيل هن هيڪل ۾ تنهنجي آڏو اچي پنهنجيءَ مصيبت ۾ تو کي پڪاريندا تہ تون سندن ٻڌندين ۽ کين بچائيندين.


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ مصيبت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


جڏهن آءٌ آسمان مان مينهن وسائڻ بند ڪندس، يا ماڪڙ کي حڪم ڏيندس تہ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏي، يا پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس


انهيءَ سبب جو اوهان کي ماريءَ جي ڦندي کان هو ئي ڇڏائيندو. هائو، اوهان کي موتمار بيماريءَ کان اهو ئي ڇڏائيندو.


اوهين نڪي ان وبا کان ڊڄندا جيڪا اونداهيءَ ۾ اچي پوي ٿي، ۽ نہ وري ان برباديءَ کان جيڪا ڏينهن ڏٺي اچي ڪڙڪي ٿي.


انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


آءٌ هن شهر جي گھڻن ئي رهاڪن کي وبا ۾ مبتلا ڪري ماري ڇڏيندس، پوءِ اهي ماڻهو هجن توڙي جانور.


جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.


آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجن ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ ئي بچي سگھندا.


تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.


هنن انهيءَ ملڪ ۾ خونريزي ۽ بتن جي پوڄا ڪري ملڪ کي تمام گھڻو پليت ڪري ڇڏيو. تڏهن مون ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي قوم کي سزا ڏني.


پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس، ۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس. آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس، ۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي اوهان کي سزا ڏيندس.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


آءٌ منجھن وبا موڪلي کين لاوارث ڪري ڇڏيندس. پر تو مان آءٌ هنن کان بہ هڪڙي وڏي ۽ زورآور قوم پيدا ڪندس.“


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ