Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجن ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ ئي بچي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تہ خداوند، خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا، پر هو فقط پاڻ ڇڏائيندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:18
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.


جڏهن انهن کي ٻين قومن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ قوم سان رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجي ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ بچي ويندا، باقي سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ