Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:17 - Muslim Sindhi Bible

17 يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا.


اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ ’اي خداوند جي تلوار! تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟ هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘


پر اُها قتلام کان ڪيئن ٿي رڪجي سگھي، جڏهن تہ مون خداوند ان کي سمنڊ ڪناري فلستي ملڪ تي يعني اسقلون ۽ ٻين شهرن تي حملي جو حڪم ڏنو آهي؟ هائو، مون انهيءَ کي اتي مقرر ڪيو آهي.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.


تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجن ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ ئي بچي سگھندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.


سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ فرض ڪريو تہ آءٌ خداوند ڪنهن ملڪ تي سندن دشمن چاڙهي آڻيان، ۽ انهيءَ ملڪ وارا پاڻ منجھان ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“


ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


آءٌ ماڻهو توڙي جانور فنا ڪري ڇڏيندس، آءٌ پکي فنا ڪري ڇڏيندس ۽ سڀيئي مڇيون پڻ. آءٌ بڇڙن ماڻهن کي ڪيرائي ڍير ڪندس. هائو، آءٌ انسان کي روءِ‌زمين تان فنا ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ