حزقي ايل 14:16 - Muslim Sindhi Bible16 تڏهن بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ اهي ٽيئي ماڻهو انهيءَ قوم سان رهندا هجن تہ بہ اهي پنهنجي ٻارن کي بہ بچائي نہ سگھندا. هو رڳو پاڻ بچي ويندا، باقي سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ملڪ ۾ هجن تہ بہ اُهي نہ پٽن کي بچائي سگهندا نہ ڌيئن کي، پر هو فقط پاڻ ڇُٽندا؛ ۽ ملڪ ضرور ويران ٿي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟