حزقي ايل 14:13 - Muslim Sindhi Bible13 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 اي آدمزاد، جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن قصور ڪرڻ سان منهنجو گناهہ ٿو ڪري، ۽ آءٌ انهي تي پنهنجو هٿ ٿو ڊگهيريان، ۽ انهي جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ٿو ڇڏيان، ۽ اُنهي تي ڏڪار ٿو موڪليان، ۽ اُنهي جا ماڻهو توڙي جانور وڍي ٿو ڇڏيان؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.