Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ اهو نبي سڏائيندڙ توڙي کانئس سوال پڇندڙ ٻيئي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا ڀوڳيندا، ڇاڪاڻ تہ نبي سڏائيندڙ جو گناهہ بہ اوترو ئي هوندو جيترو کانئس سوال پڇڻ واري جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ اُهي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا پائيندا: نبيءَ جو گناهہ بہ اهڙو ئي ٿيندو جهڙو انهي جو گناهہ جو انهي کان پڇڻ اچي ٿو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن قابيل خداوند کي چيو تہ ”اها سزا منهنجي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.


آءٌ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ڪندس تہ جيئن اوهين بني اسرائيل اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃو ۽ نہ وري پنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري پليت ٿيو. سو مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تڏهن اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تنهنڪري تون هنن سان ڳالهاءِ ۽ کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ بني اسرائيل قوم مان جيڪي بہ ماڻهو بتن جي پوڄا ڪندي گناهن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن ۽ پوءِ بہ اهي نبيءَ وٽ مون کان صلاح مشورو گھرڻ لاءِ ٿا اچن تہ اهي ياد رکن آءٌ خداوند خود انهن کي سندن گھڻي بت‌پرستيءَ جي گناهہ مطابق جواب ڏيندس.


جيڪڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ گمراهہ ٿي ڪري ڪوڙو پيغام ڏئي ٿو، تہ ائين چيو ويندو تہ مون خداوند ئي انهيءَ کي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي. سو آءٌ انهيءَ تي پنهنجو هٿ کڻندس ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل منجھان کيس ڪڍي ڇڏيندس.


انهن ٻنهي ڀينرن کي شهوت‌پرستيءَ ۽ بتن جي پوڄا وارن گناهن جي سزا ضرور ملندي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند خدا آهيان.“


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.


پوءِ اهو مرد پنهنجيءَ زال تي انهيءَ تهمت ڏيڻ واري ڏوهہ کان آجو رهندو ۽ اها عورت جيڪڏهن ڏوهاري هوندي تہ پنهنجي ڏوهہ جو نتيجو ڀوڳيندي.“


اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ