Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ڪي خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهن کانپوءِ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي مون وٽ آيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 14:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“


مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ


اسان جي جلاوطنيءَ جي ستين سال پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بني اسرائيل جا ڪي جلاوطن اڳواڻ خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوت‌پرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.


ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


ٻئي ڏينهن تي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي.


تنهن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ