Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان باطل ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙا رويا ڏٺا اٿوَ، تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو ڏس، آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي خلاف آهيان، جيڪي هڪٻئي وٽان هٿ ڪيل ڳالهيون منهنجيون ڪري ٻڌائين ٿا.


”سڀني جلاوطن ماڻهن ڏانهن سمعياہ نخلاميءَ بابت مون خداوند جو هي پيغام ڏياري موڪل تہ ’جيئن تہ سمعياہ اوهان اڳيان نبيءَ جي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، توڙي جو مون کيس نہ موڪليو آهي ۽ اوهان کي ڪوڙ تي يقين ڪرايو اٿس،


اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين، ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين. پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس، ۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.


’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ’ياد رک، اي صور شهر! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس، ۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.


تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري هاڻي ياد رک، آءٌ تنهنجي ۽ تنهنجي نيل نديءَ جي وهڪرن جي خلاف آهيان. آءٌ مصر ملڪ کي اتر ۾ مجدال قلعي کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين بلڪ اڃا بہ اڳتي سوڊان جي سرحد تائين بلڪل سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ادوم ملڪ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان جي ملڪ تي هٿ کڻندس، ۽ انهيءَ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِ‌اعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان کي سزا ڏيندس. اوهان جي آس‌پاس واريون سموريون قومون اهو سڀ ڪجھہ ڏسنديون.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ