Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر آءٌ انهن کي ٻڌايان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! اوهان جون رويائون ڪوڙيون آهن ۽ اوهان جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اوهين ماڻهن کي چئو ٿا تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي، جڏهن تہ مون اوهان سان ڳالهايو ئي ڪونهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ آءٌ سمجھي ويس تہ هن کي خدا ائين نہ چيو آهي، پر هو اها پيشن‌گوئي منهنجي خلاف ان ڪري ٿو ڪري جو طوبياہ ۽ سنبلط کيس لالچ ڏني آهي.


اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.


سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.


بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون ٻڌائي اڳواڻن جي گناهن کي گاري جي ليپي جيان ٿا ڍڪين. انهن جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي جڏهن اهي چون ٿا تہ ’اهو خداوند خدا جو پيغام آهي،‘ جڏهن تہ مون ساڻن ڪجھہ ڳالهايو ئي ڪونهي.


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ