Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سمجھہ واري ماڻهوءَ جي دل وڌيڪ ڄاڻ جي طلب ۾ رهي ٿي، مگر بي‌عقل ماڻهو بي‌وقوفيءَ جا ئي بکايل ٿا رهن.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.


نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.


سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي.


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟


بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ انهن لومڙين جيان بيڪار آهن جيڪي تباهہ ٿيل شهر جي ويران جاين ۾ شڪار لاءِ رلن ٿيون.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون هاڻي وري ريڍارن وارو سامان پاڻ سان کڻ. هن دفعي تون بي‌وقوف ريڍار ٿيندين.


اي بي‌وقوفؤ! جنهن خالق اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين پاڻ تہ خدا جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“


پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ منادي ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.


تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙا، گلاخوري ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.


پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن بي‌وقوفي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ