حزقي ايل 13:23 - Muslim Sindhi Bible23 تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 تنهنڪري اوهين باطل شيون وري ڪڏهن نہ ڏسنديون ۽ نہ فالون وجهي غيب گوئي ڪنديون: ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿان ڇڏائيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“