Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هاڻي ڏسو، آءٌ خداوند خدا اوهان جي انهن تعويذن کان نفرت ٿو ڪريان جن سان اوهين جانين جو شڪار ٿيون ڪريو. آءٌ اهي اوهان جي ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس ۽ انهن جانين کي آزاد ڪري ڇڏيندس جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي تعويذن جي برخلاف آهيان، جن سان اوهين روحن سان راند ڪرڻ لاءِ انهن جو شڪار ٿيون ڪريو، ۽ اُهي آءٌ اوهانجين ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ روحن کي ڇڏي ڏيندس، انهن روحن کي جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو تہ انهن سان راند ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:20
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟


اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.


آءٌ اوهان جا رومال بہ ڦاڙي ڇڏيندس ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اهي جانيون اوهان جي هٿن جو شڪار نہ ٿينديون. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ