Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:2
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو.


تنهنڪري اي ٽوڪبازؤ! جيڪي هتي يروشلم ۾ رهندي قوم تي حڪمراني ٿا ڪريو، سي خداوند جو هي فرمان ٻڌو.


بزرگ ۽ معزز ماڻهو مٿي مثل آهن، ۽ نبي سڏائيندڙ جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، سي پڇ مثل آهن،


سو اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ’اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.


پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.


تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو اي ڪڃري، يروشلم جي وسندي! منهنجي ڳالهہ ٻڌ.


ملڪ جي اڳواڻن جي فتنہ‌انگيزي پيئي هلي. اهي گجندڙ شينهن جيان آهن جيڪو پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي ڳهيو ٿا ڇڏين ۽ سندن مال متاع ۽ قيمتي شيون ڦري لٽي ٿا ڇڏين. هنن مڙسن کي قتل ڪري رنن‌زالن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون ٻڌائي اڳواڻن جي گناهن کي گاري جي ليپي جيان ٿا ڍڪين. انهن جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي جڏهن اهي چون ٿا تہ ’اهو خداوند خدا جو پيغام آهي،‘ جڏهن تہ مون ساڻن ڪجھہ ڳالهايو ئي ڪونهي.


تنهنڪري هاڻي اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! ٻڌو تہ آءٌ خداوند خدا اوهان جي لاءِ ڇا ٿو چوان.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.


هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ