Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اهڙيءَ طرح جنهن شهر جي رهاڪن جا گناهہ اوهان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو انهيءَ جا بنياد ظاهر ٿي پوندا. اهو اوچتو ئي ڊهي پوندو ۽ انهيءَ جي هيٺان اچي اوهين سڀ مري چٽ ٿي ويندا. تڏهن اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهي طرح جيڪا ڀِت اوهان اڻ گڏيل ڪچي گاري سان جوڙي آهي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس؛ جنهنڪري ان جو بنياد ظاهر ٿي پوندو، ۽ اُها ڪِري پوندي، ۽ انهي جي وچ ۾ اوهين مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن قاعدن ۽ اصولن کي ئي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪري سگھندو؟“


مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو،


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهڙيءَ طرح آءٌ انهيءَ ڀت تي ۽ انهيءَ کي ڪچي گاري سان لنبڻ وارن تي پنهنجو قهر نازل ڪندس. پوءِ آءٌ اعلان ڪندس تہ ’نہ اها ڀت رهي آهي ۽ نہ وري انهيءَ کي لنبڻ وارا،


آءٌ اوهان جا رومال بہ ڦاڙي ڇڏيندس ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اهي جانيون اوهان جي هٿن جو شڪار نہ ٿينديون. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


جواب هي آهي تہ آءٌ انهيءَ جي خلاف ٿي بيهندس ۽ انهيءَ کي عبرت جو نشان ۽ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيندس. آءٌ پنهنجي قوم منجھان سندس نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ اوهان مان هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس، جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن. آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.


تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.


پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ