Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 13:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هر ڪو اوهان کان نہ پڇندو ڇا تہ ”اوهان جي لڳايل گاري کان پوءِ بہ ڀت ڇو ڪري؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڏسو، جڏهن اُها ڀِت ڪِرندي، تڏهن اوهان کي ائين نہ چوندا ڇا، تہ جنهن گاري سان اوهان لنبي هئي سو ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 13:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ وراڻيو تہ ”نہ ائين نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي تہ جيئن هو اسان کي موآب جي بادشاهہ جي حوالي ڪري.“


پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگھي، تڏهن ڪانن جو هڪڙو ٽوڪرو ٺاهيائين جنهن کي رال ۽ ڏامر لڳائي ٻار کي انهيءَ ۾ رکي اهو درياءَ جي ڪناري تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘


سو اي ڀت کي گارو هڻڻ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ اها ڀت ڪيئن بچندي؟ جڏهن تمام سخت برساتون وسنديون ۽ وڏا وڏا ڳڙا پوندا ۽ طوفاني هوائون ان کي ڪيرائي وجھنديون،


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


پوءِ خداوند چوندو تہ ’اي منهنجي قوم! ڪٿي آهن اهي معبود، جن کي اوهان پنهنجا محافظ سمجھي مٿن ڀروسو ٿي ڪيو؟


وڃي پنهنجن انهن معبودن کي پڪاريو جن جي اوهان ڪڍ لڳا آهيو. ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي ڇڏائين.“


تڏهن زبول کيس چيو تہ ”هاڻي تنهنجي بڪواس ڪٿي آهي؟ تو ئي تہ چيو ٿي تہ ’ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟‘ ڇا هي اهي ئي ماڻهو نہ آهن جن تي تو ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ هاڻي ٻاهر نڪري انهن سان وڙهي تہ ڏيکار!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ