حزقي ايل 13:10 - Muslim Sindhi Bible10 اوهان منهنجي قوم کي ائين چئي گمراهہ ڪيو آهي تہ سڀ ڪجھہ ٺيڪ آهي. جڏهن تہ ڪجھہ بہ ٺيڪ نہ آهي. اهو سڀ ائين آهي جيئن منهنجي قوم ڪچين ڀڳل سرن جي ڀت ٺاهي هجي ۽ اوهان اچي انهيءَ ڀت کي گاري سان ليپو ڏيئي ڇڏيو هجي تہ جيئن اها مضبوط ڏسڻ ۾ اچي، جڏهن تہ اصل ۾ ائين نہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو هنن منهنجي قوم کي ڀُلايو آهي، ۽ چيو اٿن تہ خير سلامتي آهي، پر خير سلامتي ڪانهي؛ ۽ جڏهن ڪو ڀِت جوڙي ٿو، تڏهن ڏسو، هو اُنهي کي اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“