8 ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند مون کي فرمايو تہ
8 ۽ صبح جو خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
مون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن ڪو جلاوطنيءَ وقت ڪڍندو آهي. شام جي وقت مون پنهنجي هٿن سان ڀت ۾ سوراخ ڪڍي انهيءَ مان سامان ٻاهر کڻي رکيم ۽ سج لهڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اهو پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي ويس.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هاڻي جڏهن تہ بني اسرائيل جا اهي باغي ماڻهو تو کان پڇي رهيا آهن تہ ’تون هي ڇا پيو ڪرين؟‘