Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:4 - Muslim Sindhi Bible

4-6 هائو، تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي اکين اڳيان پنهنجو سامان ڪڍي ٻڌ، جيئن جلاوطنيءَ جو سامان ڪڍي ٻڌبو آهي. پوءِ شام جي وقت هنن جي ڏسندي پنهنجي گھر جي ٻاهرين ڀت ۾ سوراخ ڪري ڇڏ ۽ انهيءَ مان سامان ڪڍي ٻاهر رک. سج لهڻ کان پوءِ هنن جي ڏسندي اهو سامان پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي وڃ. تون پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيءُ، انهيءَ لاءِ تہ تون اهو شهر نہ ڏسين جنهن مان تون نڪري رهيو آهين. پوءِ جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو روانا ٿيندا آهن تيئن ئي تون شهر مان نڪري وڃ. اهڙيءَ طرح تون جيڪي ڪجھہ ڪندين، سو بني اسرائيل لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:4
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڄي لشڪر بابلين کي شهر اندر گھڙندي ڏٺو تڏهن وٺي ڀڳا. هو رات جي وڳڙي ۾ بادشاهہ جي باغ واري رستي کان ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا ۽ اردن ماٿري ڏانهن کڻي رخ رکيائون.


بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا.


انهن جو بادشاهہ سج لهڻ کان پوءِ ڪلهي تي پنهنجو سامان کڻي ڀت جي انهيءَ سوراخ مان نڪري روانو ٿيندو جيڪو هن لاءِ کوٽيو ويندو. هو پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ملڪ نہ ڏسي سگھي جنهن مان هو روانو ٿي رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ