Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:27 - Muslim Sindhi Bible

27 ”اي حزقي‌ايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 اي آدمزاد، ڏس، اسرائيل جي گهراڻي وارا ڇا ٿا چون تہ جيڪو رويا هو ڏسي ٿو سو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻو آهي، ۽ هو انهن وقتن جي پيشنگوئي ٿو ڪري جي تمام پري آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘


خداوند وري مون کي فرمايو تہ


تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


هاڻي آءٌ تو کي اهو سمجھائڻ آيو آهيان تہ ايندڙ ڏينهن ۾ تنهنجيءَ قوم تي ڇا گذرندو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ رويا مستقبل جي باري ۾ ئي آهي.“


صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“


ائين چوڻ سان اوهين مصيبت جي ڏينهن کي نظرانداز ڪري ظالم جي حڪمراني قائم ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجو.


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ