26 خداوند وري مون کي فرمايو تہ
26 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.
پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
”اي حزقيايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا.