Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:25
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو.


تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو، جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري. اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو، تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.


پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“


تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


خداوند وري مون کي فرمايو تہ


تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“


بيشڪ وڪڻندڙ کي سڄي زندگيءَ ۾ اها شيءِ واپس ڪرڻ جو موقعو ئي نہ ملندو. منهنجو اهو فيصلو سڀني لاءِ آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ڪانہ ايندي. هائو، ڪوبہ بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندو.


تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


انهيءَ مان اوهان کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ