Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:2
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجا ڳاٽ اوچا رکيائون، جهڙا سندن ابن ڏاڏن جا هئا جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو هو.


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪڍي عدالت ۾ آندو وڃي، هنن کي اکيون تہ آهن پر اهي ڏسي نہ ٿا سگھن، هنن کي ڪن تہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن.


اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


آءٌ پنهنجي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهيو آهيان. پر اهي فسادي آهن، ۽ پنهنجي خيالن جي پيروي ڪندي خراب رستي تي ٿا هلن.


اهو لشڪر يروشلم کي چوڌاري ائين وڪوڙي ڇڏيندو جيئن ڪنهن جاءِ جي چوڌاري پهريدار بيٺا هوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ خداوند خلاف بغاوت ڪئي آهي. خداوند ائين فرمايو آهي.


’اي بي‌عقل ۽ نادانؤ! اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا ۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا، اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.


پر اوهان جون دليون اهڙيون تہ فسادي ۽ سرڪش آهن، جو اوهين حدون اورانگھي ويا آهن.


پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“


پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل! هاڻي تون انهيءَ باغي قوم کان پڇ تہ ’ڇا اوهين انهن ڳالهين جي معنيٰ نہ ٿا سمجھو؟‘ هنن کي چئُہ تہ ’ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ اتي جي بادشاهہ ۽ سندس اميرن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ بابل ڏانهن وٺي ويو.


”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي.


سو تون منهنجي باغيءَ قوم کي بابل جي بادشاهہ جي چڙهائيءَ جي باري ۾ مون خداوند خدا جو هي پيغام مثال طور ٻڌاءِ تہ ديڳڙو چاڙهہ. هائو، ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي، انهيءَ کي باهہ تي رک.


آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“


تون بني اسرائيل جي فسادي قوم کي مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان جا ڪراهت جهڙا ڪم حد کان وڌي ويا آهن.


تہ جيئن ’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انهن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“


تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.


اهڙي زندگي گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.


اهي وڏيون آزمائشون، هيبتناڪ ڪم ۽ وڏا معجزا اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هنن جي بغاوت ۽ هٺ جي خبر آهي. ڏسو، اڄ تائين جڏهن تہ آءٌ هنن سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ هنن خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. سو منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


اها ڳالهہ اوهين هرگز نہ وسارجو تہ ڪيئن نہ اوهان خداوند پنهنجي خدا کي بيابان ۾ ڪاوڙايو، بلڪ جنهن ڏينهن کان اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا آهيو، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين اوهان خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ