حزقي ايل 12:19 - Muslim Sindhi Bible19 تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.