Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو اوهان لاءِ هڪڙي نشاني آهي تہ باقي بچيل يروشلم وارن سان بہ ائين ئي ڪيو ويندو، کين شهر نيڪالي ملندي ۽ اهي پڻ جلاوطن ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 12:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو.


اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين جيڪي گھيري هيٺ آهيو، پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪندي پنهنجي مڏي ميڙي گڏ ڪريو.


جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘


تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي سر کڻ ۽ اها پنهنجي اڳيان رک، ۽ مٿس يروشلم شهر جو نقشو ڪڍ.


پوءِ تون لوهہ جو هڪڙو تئو کڻ. اهو تئو پنهنجي ۽ سر تي نقش ڪيل شهر جي وچ تي لوهہ جي ديوار طور کڙو ڪر. تون پنهنجيون نظرون شهر ڏانهن کُپائج، تہ جيئن شهر گھيري هيٺ محسوس ٿئي. بيشڪ تون ئي انهيءَ کي گھيرو ڪرڻ وارو ٿيندين. اهو سڀ ڪجھہ بني اسرائيل قوم لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.


هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ