1 خداوند مون کي فرمايو تہ
1 هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
اليشع وري کيس چيو تہ ”تير کڻ“ ۽ بادشاهہ اهي کنيا. تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”اهي زمين تي هڻ.“ هن اهي ٽي ڀيرا زمين تي هڻي بس ڪئي.
خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.
پوءِ مون جلاوطن ٿيلن کي خداوند جون اهي سڀيئي ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون، جيڪي رويا ۾ مون کي ڏيکاريون ويون هيون.
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.
پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! هاڻي جڏهن تہ بني اسرائيل جا اهي باغي ماڻهو تو کان پڇي رهيا آهن تہ ’تون هي ڇا پيو ڪرين؟‘