Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ خداوند جو روح مون تي نازل ٿيو ۽ خداوند ماڻهن کي سندس هي پيغام ٻڌائڻ جو حڪم فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي ڪجھہ چئو ٿا ۽ جيڪي بہ منصوبا دلين ۾ جوڙيو ٿا سي سڀ آءٌ ڄاڻان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ خداوند جو روح مون تي آيو ۽ انهي مون کي چيو تہ ڳالهاءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا خاندان اوهان هيئن چيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون اوهان جي دل ۾ اچن ٿيون، تن جي مون کي خبر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


اوهان اهي ئي ڪم پئي ڪيا تہ بہ آءٌ ماٺ رهيس، سو اوهان ڀانئيو تہ آءٌ اوهان جهڙو ئي آهيان. هاڻ آءٌ اوهان کي تنبيهہ ڪري اوهان جا ڪم اوهان آڏو آڻيندس.


تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين.


جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“


ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


جڏهن هن مون سان ڳالهايو تڏهن خدا جو روح مون ۾ داخل ٿيو، جنهن مون کي پيرن ڀر اٿاري بيهاريو. تڏهن اهو آواز وري مون سان مخاطب ٿيو تہ


سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“


پر خدا جو روح مون ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي اٿاري پيرن ڀر بيهاريائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”موٽي پنهنجي گھر وڃ، ۽ اتي پنهنجو پاڻ کي نظربند ڪري ڇڏ.


پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“


اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.


عيسيٰ هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي پيغام ٻڌي رهيا هئا.


پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انهن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.


تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ