Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهي چون ٿا تہ ’اسين جلد ئي وري گھرن کي اڏينداسين. هي شهر ديڳ مثل آهي ۽ اسين انهيءَ ۾ گوشت مثل آهيون. پر گھٽ ۾ گھٽ اها ديڳ اسان کي سڌي باهہ کان محفوظ رکي ٿي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘


”اي حزقي‌ايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا.


اوهان جي پڄاڻيءَ جو وقت ويجھو آهي. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، جڏهن جبلن تي بت‌پرستيءَ جون خوشيون نہ ملهايون وينديون، بلڪ اتي رڳو جنگ جا نعرا ٻڌا ويندا.


اوهين سارنگيءَ جي سُر تي اجايو سجايو ڳايو ٿا، ۽ دائود وانگر ڳائڻ وڄائڻ جي سازن تي پنهنجي لاءِ گيت ٺاهيو ٿا.


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ