Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 خداوند جي ڳالهائڻ کان پوءِ پردار آسماني مخلوق پنهنجا پر پکيڙي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ هئا. بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني بہ سندن مٿان هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تڏهن ڪروبين پنهنجا پر کنيا، ۽ ڦيٿا انهن جي پاسي ۾ هئا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال هنن جي مٿان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


تڏهن انهن پنهنجا پر پکيڙيا ۽ منهنجي ڏسندي ئي اهي زمين تان مٿي چڙهي ويا ۽ سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا. پوءِ اهي هيڪل جي اوڀر طرف واري دروازي جي لنگھہ وٽ وڃي بيٺا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني انهن جي مٿان هئي.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي.


تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ