Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين ۽ هن شهر ۾ بڇڙيون صلاحون ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ آستر وري بہ شهنشاهہ جي پيرن تي ڪري کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هن کيس روئيندي ليلائيندي چيو تہ ”هامان اجاجيءَ يهودين خلاف جيڪا بڇڙائي ۽ سازش تيار ڪئي هئي تنهن جو خاتمو آندو وڃي.“


اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.


اي خداوند! تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، ۽ تنهنجي وفا بادلن تائين ڀريل آهي.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


اي نينواہ! تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي، جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي، ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ