Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:16
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.


تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي.


اي ڌڻي! پيڙهي بہ پيڙهي تون ئي اسان جي پناهہ‌گاهہ رهيو آهين.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.


منهنجي اها عظيم پاڪيزگي يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندو ۽ دام ثابت ٿيندي، بلڪ سڄي يهوداہ ۽ اسرائيل جي رهاڪن لاءِ ٿاٻو ڏيڻ وارو پٿر ۽ ٿاٻڙائڻ وارو ٽڪر بڻبي.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“


ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ سڀني ماڻهن مون يرمياہ کي خداوند جي گھر ۾ اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو.


آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.


جن شهرن ۾ مون اوهان کي جلاوطن بڻائي موڪليو آهي، تن جي خير وَ سلامتي طلبيندا رهو ۽ انهن لاءِ مون خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي خير وَ سلامتيءَ ۾ اوهان جي خير وَ سلامتي آهي.


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘


جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس.


تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.


خداوند يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! مون ئي اوهان کي دنيا جي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي اوهين صيئون ڏانهن موٽي اچو، اتر وارن ملڪن مان ڀڄي اچو. هائو، اوهين بابل جي بادشاهتن مان ڀڄي نڪرو.“


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ