Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بادشاهہ يربعام انهيءَ خدا جي ٻانهي جي اها ڳالهہ ٻڌي جيڪا هن قربان‌گاهہ خلاف چئي، تڏهن يربعام قربان‌گاهہ تان هٿ ڊگھيري حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ شخص کي پڪڙيو.“ پر جيڪو هٿ هن انهيءَ خدا جي ٻانهي ڏانهن ڊگھيريو هو سو اهڙو تہ سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نہ سگھيو.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


انهيءَ ڪري اوچتو ئي اوچتو مٿن آفت اچي ڪڙڪندي ۽ اهي ڀڄي ڀُري ويندا. سندن زخم لاعلاج هوندا.


پوءِ خدا جي روح مون حزقي‌ايل کي مٿي کڻي هيڪل جي اوڀر واري دروازي وٽ آندو. اتي دروازي جي لنگھہ وٽ مون کي پنجويهہ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ قوم جا ٻہ اڳواڻ يازنياہ ولد عزور ۽ فلطياہ ولد بناياہ پڻ شامل هئا.


انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجيءَ دل ۾ هنن لاءِ شفقت رکي. سو مون اهو فيصلو ڪيو تہ آءٌ کين بيابان ۾ نہ ماريان.


سو جيئن مون کي حڪم مليو تيئن ئي مون اهو پيغام پهچايو. اڃا آءٌ ڳالهائي ئي رهيو هئس تہ مون کي کڙڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا ڏسان تہ هڏين ۾ چرپر پئجي ويئي ۽ اهي هڪٻئي سان اچي ڳنڍجڻ لڳيون.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.


هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.


جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر، تنهنجي قوم ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.


انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ