Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 11:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن جي حڪمن تي اوهين نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪئي اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي ئي عمل ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 11:12
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو هنن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي. هو خدا سان ٻڌل عهد ٽوڙيندي انهن سڀني حڪمن تي نہ هليا جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين ڏنا هئا. هنن نہ تہ انهن حڪمن تي عمل ڪيو ۽ نہ ئي وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنائون.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


هن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو ۽ خداوند جي واٽ تي نہ هليو.


پر يهوداہ وارن ڌيان نہ ڏنو ۽ منسيءَ بہ هنن کي گمراهہ ڪيو، تان جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


پر ڇا اوهان خداوند جي ڪاهنن يعني هارون جي پٽن کي ۽ لاوين کي بہ پاڻ وٽان هڪالي نہ ڪڍيو آهي؟ ڇا اوهان پنهنجي طرفان انهن جي جاءِ تي ٻين ماڻهن کي مقرر نہ ڪيو آهي، جيئن ٻين ملڪن جون قومون ڪنديون آهن؟ جيڪو ماڻهو هڪڙو وهڙو ۽ ست گھٽا پاڻ سان کڻي پاڻ کي وقف ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بڻجي وڃي جيڪي حقيقت ۾ معبود آهن ئي ڪونہ.


هن هنوم ماٿريءَ ۾ غير معبودن واسطي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي هلي پنهنجي پٽن کي ساڙڻ واريءَ قربانيءَ طور پيش ڪيائين.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين وڏا ڏوهاري رهيا آهيون. پنهنجن گناهن جي ڪري اسين، اسان جا بادشاهہ ۽ اسان جا ڪاهن ٻين ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾ ڏنا ويا آهيون تہ جيئن جنگ، جلاوطني ۽ ڦرلُٽ سبب اسين شرمندا ٿيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون.


هنن بني اسرائيل سان خدا جي ٻڌل عهد کي قائم نہ رکيو، بلڪ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪاري ٿيا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين ٻين قومن وارا طور طريقا نہ سکو ۽ آسمان وارين نشانين کان خوف‌زدہ نہ ٿيو، جن کان ٻيون قومون خوف‌زدہ ٿين ٿيون.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


پر جن جي دل پنهنجي گندن ۽ ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا ڪرڻ ڏانهن مائل آهي، تن کي آءٌ سندن افعالن موجب ئي سزا ڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


هن ڪڏهن بہ وياج تي پئسا نہ ڏنا هجن. اهو بڇڙائيءَ کان پري رهيو هجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صحيح انصاف ڪندو هجي.


اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.


مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي بتن جي پوڄا کي وڌيڪ پسند ڪيو.


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.


پر يروشلم وارن منهنجي حڪمن ۽ منهنجي شريعت خلاف بغاوت ڪئي ۽ پاڻ کي ٻين قومن ۽ آس‌پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ بدڪار ثابت ڪيو. هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪيو ۽ منهنجي شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون.


سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اتر طرف واري دروازي وٽ وٺي آيو. مون ڏٺو تہ اتي عورتن تموز ديوتا جي موت تي ويٺي ماتم ڪيو.


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


اسان تو خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي، جو اسان تنهنجي انهيءَ شريعت تي عمل نہ ڪيو آهي، جيڪا تو پنهنجي بندن، يعني نبين جي معرفت اسان کي ڏني.


اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.


پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ