Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ان وقت چئني پردار آسماني مخلوقات مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگھيڙي وچ ۾ ٻرندڙ باهہ مان ڪجھہ ٽانڊا کڻي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿن تي رکيا. هو اهي ٽانڊا کڻي ٻاهر نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ انهيءَ ڪروبيءَ، هنن ڪروبين جي وچ مان پنهنجو هٿ ڊگهيري باهہ تائين آندو، جا ڪروبين جي وچ ۾ هئي، ۽ اُتان باهہ کڻي انهي سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي هٿن ۾ ڏني، جو اُها کڻي ٻاهر ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 10:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ساهوارن مان باهہ جا ٽانڊا يا اولانبا هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح چمڪندي ڏسڻ ۾ ٿي آيا جو ڄڻ وڄ جا شعلا چمڪو ڏيئي رهيا هجن.


جڏهن خداوند عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي اهو حڪم ڏنو تہ هو پردار آسماني مخلوق هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان گھڙي ٽانڊا کڻي اچي، تڏهن هو اندر گھڙي هڪڙي ڦيٿي جي ڀرسان وڃي بيٺو.


مون نهاري ڏٺو تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوقات جي وچ ۾ سندن پرن هيٺان مون کي انساني هٿ نظر آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ