Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 10:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. جڏهن اهي مٿي چڙهيا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هي بہ ٿي بيٺا: ۽ جڏهن هو چڙهيا ٿي تڏهن هي بہ انهن سان گڏ ٿي چڙهيا: ڇالاءِ جو انهي ساهہ واري جو روح انهن ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 10:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


انهن مان هر ڪو اڳتي سڌو ڏسي رهيو هو. سو جيڏانهن انهن جي هلڻ جي مرضي پئي ٿي، تيڏانهن هو گڏجي بغير ڪنڌ ڦيرڻ جي ويا پئي.


۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا.


تڏهن انهن جي هلڻ سان سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي هليا. جڏهن انهن زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر بلند ٿي ڪيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.


انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ساهوارن جي پرن جي هڪٻئي سان لڳڻ جو ۽ ڦيٿن جو ايڏو تہ وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن زلزلي جو آواز هجي.


پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ