هر هڪ ريڙهيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ پتل جون ئي سرايون هيون. هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ ننڍو حوض رکڻ لاءِ هيٺان چئني ڪنڊن تي پلٽيل ٽيڪون هنيون ويون. هر هڪ ٽيڪ تي هار ٺاهيا ويا.
ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقيايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.