5 ۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا.
5 ۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي.
انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
اهي پردار آسماني مخلوقات بلڪل اهي ساڳيا ئي ساهوارا هئا، جيڪي مون ڪبار نهر جي ڀرسان ڏٺا هئا. جڏهن اهي مٿي بلند ٿي ٿيا،
جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. جڏهن اهي مٿي چڙهيا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا.
مون انهن مخلوقات کي سڃاڻي ورتو. اهي بلڪل ساڳيا ئي هئا جن کي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي بني اسرائيل جي خدا جي جلوي هيٺان بيٺل ڏٺو هو.
مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“