Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 1:4
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


تڏهن خداوند وڏي واچوڙي منجھان ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.


مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.


هي پيغام مون کي سمنڊ جي ڀر واري بيابان ۾ ڏنو ويو. جهڙيءَ طرح ڏکڻ کان واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگھندا آهن، تهڙيءَ طرح انهيءَ خوفناڪ بيابان ۾ هڪڙي رويا اچي مون تي ڪڙڪي.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين پکڙبي ٿي وڃي. هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


انهيءَ جي چيلهہ کان وٺي مٿي واري صورت باهہ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙي هئي ۽ سندس چيلهہ کان وٺي هيٺ واري صورت باهہ جي شعلي جهڙي هئي. انهيءَ جي چوڌاري روشنائي ئي روشنائي هئي،


سو اي ڀت کي گارو هڻڻ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ اها ڀت ڪيئن بچندي؟ جڏهن تمام سخت برساتون وسنديون ۽ وڏا وڏا ڳڙا پوندا ۽ طوفاني هوائون ان کي ڪيرائي وجھنديون،


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.


مون اکيون کڻي نهاريو تہ رويا ۾ ڏٺم تہ باهہ جي شڪل واري هڪڙي انساني صورت بيٺي آهي. انهيءَ جو چيلهہ کان هيٺ وارو حصو باهہ جهڙو هو ۽ چيلهہ کان مٿي وارو حصو چمڪندڙ پتل جهڙو هئس.


جنهن گاڏيءَ ۾ ڪارا گھوڙا آهن سا اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن ٿي وڃي، اڇن گھوڙن واري گاڏي اولاهين ملڪ ڏانهن ۽ ابلق گھوڙن واري گاڏي ڏاکڻي ملڪ ڏانهن ٿي وڃي.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ