Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڪبار نهر جي ڪناري تي خداوند مون سان ڳالهايو ۽ سندس قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 1:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو هٿ الياس نبيءَ تي هو. سو هن چادر سان پنهنجو سندرو ٻڌو ۽ يزرعيل شهر تائين اخي‌اب جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندو ويو.


پر هاڻ مون وٽ هڪڙو سُرندائي وٺي اچ.“ جڏهن سُرندائيءَ پنهنجو سرندو وڄايو پئي تڏهن خداوند جو هٿ اليشع تي آيو.


اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي.


يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.


خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ


اوهين چئو ٿا تہ ’خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي موڪليا آهن.‘


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


اهي پردار آسماني مخلوقات بلڪل اهي ساڳيا ئي ساهوارا هئا، جيڪي مون ڪبار نهر جي ڀرسان ڏٺا هئا. جڏهن اهي مٿي بلند ٿي ٿيا،


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس.


تنهن کان پوءِ آءٌ ڪبار نهر جي ڀرسان تل‌ابيت شهر ۾ رهندڙ جلاوطنن وٽ موٽي آيس. آءٌ ستن ڏينهن تائين اتي پنهنجي ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهين تي سڪتي ۾ ويٺو رهيس.


پوءِ خداوند جو طاقتور هٿ مون پنهنجي مٿان محسوس ڪيو، جنهن مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، نڪري ماٿريءَ ڏانهن وڃ، تہ اتي آءٌ تو سان ڳالهائيندس.“


تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


هڪڙي دفعي مون حزقي‌ايل تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي. هن جي روح مون کي کڻي هڪڙي اهڙي ماٿريءَ ۾ آڻي لاٿو، جيڪا انساني هڏين سان ڀري پيئي هئي.


اسان جي جلاوطنيءَ جي پنجويهين سال پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ تي، جيڪو يروشلم شهر جي زوال جو چوڏهون سال هو، خداوند جي قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي.


هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.


سال جي پهرئين مهيني جي چوويهين تاريخ تي جڏهن آءٌ وڏي ندي دجلہ جي ڪناري تي بيٺو هئس،


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


هي خداوند جو اهو پيغام آهي جيڪو يوايل ولد فتوايل جي معرفت ڏنو ويو.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ