Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 1:24 - Muslim Sindhi Bible

24 جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي تڏهن انهن جي پرن جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ، يا جيئن وڏي لشڪر جو گوڙ شور، يا جيئن قادرِمطلق خدا جو آواز. وري جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن انهن پنهنجا پر پنهنجي بدن سان وڪوڙي ٿي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 1:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“


اوهين سڀ ڌيان سان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، هائو، سندس واتان نڪرندڙ اها گجگوڙ تہ ٻڌو.


تڏهن خدا تعاليٰ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هائو، خداوند آسمان مان گجيو.


هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.


پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ساهوارن جي پرن جي هڪٻئي سان لڳڻ جو ۽ ڦيٿن جو ايڏو تہ وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن زلزلي جو آواز هجي.


جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي.


هن جو بدن هيري جهڙو تجليدار هو ۽ منهن وڄ جي شعلي جيان چمڪندڙ هئس. سندس اکيون ٻرندڙ مشعلن جهڙيون هيون ۽ سندس ٻانهون ۽ پير چمڪندڙ پتل جهڙا هئا. هن جي ڳالهائڻ جو آواز وڏي انبوہ جي گوڙ جهڙو هو.


انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ