17 اهي ڦيٿا بنا مڙڻ جي هر طرف ڏانهن هلي ٿي سگھيا.
17 جڏهن هو هليا ٿي تڏهن پنهنجن چئن پاسن تي ٿي هليا: هلڻ مهل هو ڦريا نٿي.
تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو، جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري. اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو، تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.
انهن مان هر ڪو اڳتي سڌو ڏسي رهيو هو. سو جيڏانهن انهن جي هلڻ جي مرضي پئي ٿي، تيڏانهن هو گڏجي بغير ڪنڌ ڦيرڻ جي ويا پئي.
انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. ان کان علاوہ انهن جي چئني پاسن تي سندن پرن جي هيٺان انساني هٿ بہ نظر ٿي آيا.
انهن چئني جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، جو انهن هڪڙو چوڪنڊو ٺاهيو ٿي ۽ گڏجي هڪ ٿي هليا ٿي ۽ کين منهن ڦيرڻ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي.