Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي مختلف قسم جا چار منهن هئا. انهن جو اڳ وارو منهن انسان جهڙو ۽ ساڄي پاسي وارو منهن شينهن جهڙو هو. انهن جو کاٻي پاسي وارو منهن ڏاند جهڙو ۽ پٺيان وارو منهن عقاب جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 باقي هنن جي منهن جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي هئي: ۽ انهن چئني جو منهن سڄي پاسي شينهن جهڙو هو؛ ۽ انهن چئني جو منهن کٻي پاسي ڏاند جهڙو هو؛ انهن چئني جو منهن باز جهڙو بہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 1:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيابان واري قلعي ۾ جد قبيلي جا جيڪي مشهور ۽ تجربيڪار سپاهي دائود سان اچي شامل ٿيا هئا ۽ جيڪي ڍال ۽ نيزي جا ماهر، ڏسڻ ۾ شينهن وانگر ڪَرڙا ۽ ڊوڙڻ ۾ جابلو هرڻ وانگر تکا هئا،


ڇا عقاب تنهنجي حڪم سان بلنديءَ تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿاهينءَ جاءِ تي وڃي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو؟


جتي هر ڪاهڻ لاءِ ڏاند ناهن، اتي گدام اناج کان خالي ٿا رهن، مگر ڏاندن جي هجڻ سان جھجھو اناج حاصل ڪري ٿو سگھجي.


مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.


اي گنهگارؤ! منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ سمجھہ ڌاريو. هنن ڳالهين تي چڱيءَ طرح سوچ ويچار ڪريو.


انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا.


هر هڪ مخلوق کي چار منهن هئا. سندن پهريون منهن ڍڳي جهڙو هو، ٻيو انسان جهڙو، ٽيون شينهن جهڙو ۽ چوٿون عقاب جهڙو هو.


هر هڪ مخلوق جو انساني منهن هڪڙي پاسي واري کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو ۽ ان جو شينهن وارو منهن ٻئي پاسي واري کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو. سڄي عمارت جا اندريان چار ئي پاسا


پهريون جانور شينهن جهڙو هو، مگر کيس عقاب جهڙا پر هئا، جيڪي منهنجي ڏسندي ڏسندي پٽي ڪڍيا ويا. پوءِ کيس زمين کان مٿي کڻي انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو ۽ کيس انساني سوچ ڏني ويئي.


ڏاکڻي پاسي روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.


اولهہ طرف افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي.


اترئين پاسي دان جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني دان جو سردار عميشدي جو پٽ احيعزر ٿئي.


اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو.


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


ستين ڏينهن سج لهڻ کان اڳي شهر جي ماڻهن سمسون کي وڃي چيو تہ ”ماکيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي بہ مٺي شيءِ آهي ڇا؟ شينهن کان وڌيڪ زورآور ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟“ تنهن تي سمسون کين وراڻيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ ڪاهيو ها، تہ اوهين منهنجي ڳجھارت هرگز نہ ڀڃي سگھو ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ